SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اثر- داٻو- برتري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اثر- داٻو- برتري

Influence

اِنفلوئنس

لاطيني ٻولي جي لفظinfluentia مان ورتل هي اصطلاح ڪنهن به شخص، تنظيم، سگهاري قوت وٽ موجود صلاحيت جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ذريعي اُها ڪنهن ٻئي شخص، تنظيم ۽ رياست جي فيصلن، روين، راين ۽ لاڙن تي اثرانداز ٿي کيس پنهنجي مرضيءَ مطابق هلڻ تي مجبور ڪري سگهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ان صلاحيت کي ’اثرجي دائري‘(Sphere of Influence) جي ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو. يعني اهڙو علائقو يا خطو، جنهن تي ڪنهن به رياست، تنظيم يا اختياريءَ کي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ فوجي حوالي سان اثر حاصل هجي. عام طور تي اها حاصلات اثر رکندڙ ۽ اثر قبول ڪندڙ وچ ۾ ٿيل ڪن رواجي معاهدن هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر هروڀرو ڪنهن خاص معاهدي يا انتظام جي ضرورت نه آهي. ان قسم جو لاڳاپو بنا ڪنهن لکت ۾ ٿيل انجام جي به ممڪن آهي. البت ان قسم جو لاڳاپو جڏهن چوٽيءَ تي پهچندو آهي، ته اثر هيٺ آيل رياست جي حيثيت ڏَنَ- ڀرو، بيٺڪ يا نيم ٻانهي رياست جهڙي ٿي ويندي آهي. هيڻين رياستن مٿان سگهارين رياستن/قومن جي اثر وارو معاملو انتهائي پراڻو آهي ۽ اڄ به ’سپر پاورز‘،’گريٽ پاورز ۽ ’مڊل پاورز‘ جي نالي ۾ قائم آهي. ’اثر‘ جا مختلف قسم ٿيندا آهن. ٻي مها-ڀاري لڙائيءَ واري دور ۾ جاپان ڪوريا 1910 کان 1945ع تائين ، ويٽنام، منچوريا، تائيوان ۽ چين تي پنهنجو اثر سڌي سنئين حڪومت قائم ڪرڻ ذريعي رکيو ( جيتوڻيڪ جاپان 1895ع کان تائيوان تي قبضو برقرار رکيو ، پر 1945ع ۾ ٻيهرچين پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ) ، جڏهن ته ڪيوبا سوويت روس کان پري هوندي به سندس اثر هيٺ رهيو. ٻئي طرف ايران ۽ ٿائيلينڊ وري اهڙا ملڪ آهن، جيڪي ’بفر رياستون‘ هجڻ ڪري هڪ ئي وقت ٻن سگهارين طاقتن ترتيبوار سوويت روس، برطانيا، فرانس ۽ برطانيا جي اثر هيٺ رهيا. ساڳي طرح جرمني ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻن عالمي طاقتن جي اثر هيٺ رهيو


Remember Me Also:

سڙي

ث. لاشُ ، مَڙُهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal